جاويد ٽاڪاڻي

جاويد ٽاڪاڻي

جاويد ٽاڪاڻي

جاويد ٽاڪاڻي: مشهور اداڪار ۽ ڊائريڪٽر جاويد اختر ’ناز‘ ولد محمد جان آڪٽوبر 1968ع تي ٽاڪاڻي، ضلعي ميرپور ساڪري ٺٽي ۾ جنم ورتو. فني دنيا ۾ جاويد ٽاڪاڻيءَ جي نالي سان مشهور آهي. انٽر تائين تعليم حاصل ڪيائين، هن فني سکيا ريڊيو تي خليل چنا ۽ شيخ يونس جانيءَ کان ورتي، جڏهن ته پي.ٽي.وي تي انور سولنگي، دلشاد سهتي ۽ صابر قريشي کان رهنمائي ورتائين. هن اسٽيج تي اچڻ جو آغاز 1990ع ۾ ڪيو. جاويد 100 کان مٿي اسٽيج ڊراما ڪيا آهن ۽ 500 کان وڌيڪ مختلف اسٽيج شو پڻ ڪري چڪو آهي. پي.ٽي.وي تي اعجاز عليم عقيلي جي رهنمائيءَ ۾ به رهيو.
جاويد ٽاڪاڻي 100 کان وڌيڪ ڊرامن ۽ 20 کن فلمن ۾ اداڪاري ۽ ڊائريڪشن پڻ ڪئي آهي. ان کانسواءِ هي ريڊيو تي 1990ع کان 2000ع تائين مسلسل 10 سال هڪ پروگرام ’گڙڪو ڦڙڪو‘ ڪيو، جيڪو ٻڌندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول ويو. ’انسانيت جا دشمن‘، ’نالائق‘، ’دبنگ‘، ’دشمني‘، ’ڪرنٽ ارجنٽ‘، ’گرو گجني‘، ’ايترو جيترو سهه ساڪرو‘، ’سيلو سپر مين‘ ۽ روشني وغيره ۾ بهترين اداڪاري ڪيائين. کيس فني مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: ’گورنر اوارڊ‘، ’شاهين اوارڊ‘، ’سٽي اوارڊ‘، ’ڀٽائي اوارڊ‘، ’شهيد بينظير اوارڊ‘، ’PBC 2002 ايڪسيلنس اوارڊ‘ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. هي ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي تنظيمن سان به لاڳاپيل آهي. هن وقت مهراڻ ٽي.وي حيدرآباد تي ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو